اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي م??اد?? کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، آمريڪي م??ٽري ايڊ روڪرائڻ پاڪستان دشمن ايجندا ۽ 9 مئي سانحي جي ڪڙيءَ آهي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪار?? کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪو غدار، سازشي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ پروپئگنڊه ??ان هر وقت هر ڪنه?? کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي م??اد?? کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، اربين رپين جي فارن فنڊنگ انهي مشن جي لاءِ ورتي وئي، انهي فارن فنڊنگ ??ان ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ميڊيا مهم هلائي وئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ ??ان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو جنهن جي ذريعي پاڪستان جي آئيني ۽ دفاعي ادارن ۽ انهن جي قيادت جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪار?? کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سڃاڻي چڪي آهي، سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن، سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپئگنڊه ۽ 9 مئي کانپوءِ آمريڪا کان مدد وٺڻ، عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آءِ پاران خلاف ورزي انهي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن پاڪستا?? کي اهم قومي م??ادن تي جهُڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هن چيو ته هڪ ڪٺ پتلي کي م??ظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ اقتدار تي مڙهيو ويو جنهن سي پيڪ روڪيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگرد?? کي پناهه ڏني ۽ هاڻي م??ٽري ايڊ روڪرائڻ جي مشن تي آهي. هن چيو ته انهي ايجنڊا تحت پاڪستان جي ويجهي، بااعتماد ۽ سدائين ڪم ڪندڙ دوست ملڪ?? کي ناراض ڪيو ويو، ٻاهرئين ميڊيا ۾ جاري نام نهاد انساني حقن جي م??م پڻ اصل ۾ انهي ڪڌي ايجنڊا جو تسلسل آهي ته جيئن پاڪستان جي عالمي امداد روڪرائي ۽ فوج جي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.
پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری