اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي ان حوالي سان چوڌري فواد حسين جو خط وز??راعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وز??راعظم کي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي وفاقي وز??ر پاران اٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ مل?? جي ٻن صوبن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني حيثي?? جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عبوري حڪومتن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪر?? ورتو آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪومتون آئين جي آرٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وز??راعظم ميان محمد شهباز شريف کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوري?? جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان معاملي ج?? جائزو وٺي.
صدر پاران ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار، چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز