اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڪڌي ڏوهن کي هر فورم تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان ??شم??ري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن محمود احمد ساگر جي قي??دت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي صدر ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان جي عوام پنهنجي ??شم??ري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان ??شم??ري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي هر ممڪن اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڀارت مختلف قدمن ذريعي والاريل خطي ۾ آبادياتي تبديلين جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ غير??شم??رين کي آباد ڪرڻ جي لاءِ 4.5 ملين کان وڌيڪ ڊوميسائيل جاري ڪري چڪو آهي جڏهن ته ??شم??رين جي زمين کي غير??شم??رين کي وڪرو ڪري رهيو آهي. هن انهن ڪاررواين کي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. صدر چيو ته ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، جين??سا??يڊ واچ موجب والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر نسل ڪشي جي ڪناري تي آهي. هن گڏ??ل قومن جي انساني حقن جي آفيس جي انهن رپورٽس جو پڻ حوالو ڏنو جن ۾ والاريل خطي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي جاچ جي لاءِ ڪميشن آف انڪوائري قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي لاءِ جوابده بڻائي. صدر ان ڳالهه تي ا??سو?? جو اظهار ڪيو ته ??شم??ر تي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ڪيو ويو جڏهن ته اهي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جي سڀ کان پراڻيون قراردادون آهن. ان موقعي تي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي حريت قي??دت صدر کي واديءَ جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هنن ٻڌايو ته ڀارتي قابض فوج جي هٿان هيستائين 6 لک ??شم??ري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هزارين گهر ساڙي تباهه ڪيا ويا آهن، والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر کي 9 لک ڀارتي قابض فوج جي هٿان يرغمال بڻائي رکيو آهي جن ??شم??ري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين تي بي مثال فوجي گهيراءُ ۽ پابنديون هڻي رکيون آهن. ??شم??ري قي??دت کي جيلن ۾ وڌو ويو آهي، عدالت کان مٿانهين قتل، ڏاڍ سان گرفتارين ۽ ??شم??ري نوجوانن تي تشدد هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت ??شم??رين جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي نقصان پهچائي رهيو آهي پر هو ??شم??ري عوام کي دٻائڻ جي پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو.
ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي هر فورم تي اجاگر ڪيو وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil