اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان م??اثر علائقن ۾ موسمياتي لحاظ کان لچڪدار ۽ پائيدار بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ عالمي مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ڪانفرنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ڪئي ويندي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪانفرنس جي گڏيل طور تي ميزباني ڪندا. پاڪستان پاران ڪانفرنس ۾ ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪيو ويندو، اها ڪانفرنس مجوزه فريم ورڪ جي بنياد تي پاڪستان جي دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ عالمي يڪجهتي جي اظهار طور ڪم ڪندي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقبل نمائندي خليل هاشمي، ريزيڊنٽ نمائنده يو اين ڊي پي پاڪستان ناٽ اوٽسبي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (گڏيل قومون) پرڏيهي وزارت سيد حيدر شاهه جنيوا ۾ ميڊيا کي بريفنگ ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ڪانفرنس 2023ع جي ??قصدن، ان جي اهميت ۽ ڪانفرنس جي ??روگرام بابت آگاهه ڪيو. ايڊيشنل سيڪريٽري سيد حيدر شاهه وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته عالمي ڪانفرنس پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ موسمياتي لحاظ سان هڪ لچڪدار ۽ بهتر انداز ۾ نئين سر تعمير جي عمل جي ??اءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي ??اءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ جي ??اءِ هڪ موثر پليٽ فارم ثابت ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ريسڪيو ۽ ريليف جي ??رحلي مان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اهم ڪم طرف وڌي رهيو آهي. ان مقصد جي ??اءِ عالمي ڪانفرنس ۾ ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪيو ويندو. پاڪستان ان فريم ورڪ جي ??فاذ جي ??اءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته فريم ورڪ جو دستاويز هڪ ترجيحي ۽ ترتيبوار منصوبي جو خاڪو پيش ڪري ٿو، جنهن جي ??ضاحت وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان ان کي لاڳو ڪرڻ جي ??اءِ مالياتي طريقيڪار ۽ اداراجاتي انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن جي سربراهي وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ڪندا، ان کانپوءِ آر ايف 4 فريم ورڪ جي دستاويز جو باضابطا افتتاح ٿيندو جڏهن ته پارٽنر سپورٽ جي اعلانن لاءِ پڻ سيشن م??صوص هوندو. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان ٻوڏ کان م??اثر آبادي جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ملڪ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي ??اڊل طرف منتقل ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان جي ??يزن جو خاڪو پيش ڪندو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جا وفاقي وزير فريم ورڪ دستاويز جي ??ضاحت ڪندا ۽ موسمياتي لچڪ ۽ موافقت جي ??اءِ پاڪستان جو ڊگهي مدي وارو منصوبو پڻ پيش ڪندا. ان کانسواءِ چئني صوبن جو موقف لاڳاپيل صوبائي نمائندا بيان ڪندا. ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، ڪيترن ئي ملڪن جا وزير ۽ اعليٰ سطحي نمائندا ۽ عالمي مالياتي ادارن، فائونڊيشنز ۽ فنڊز سان گڏوگڏ عالمي ترقياتي تنظيمن، نجي شعبي، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز جا نمائندا شرڪت ڪندا. اها ڪانفرنس آر ايف 4 دستاويز جي بنياد تي پاڪستان جي دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي عوام سان عالمي يڪجهتي جي اظهار طور تي ڪم ڪندي. ريزيڊنٽ نمائنده يو اين ڊي پي پاڪستان نٽ اوٽسبي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو پيش ڪيو ۽ چيو تهپ اڪستان کي ريزيليئنٽ ريڪوري جي ??اءِ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها صورتحال موسمياتي تبديلين جي اث??ن جو نتيجو آهي جڏهن ته ان جي ڪري رونما ٿيندڙ اڻوڻندڙ صورتحال ٻين ملڪن ۾ به درپيش آهي. اسان کي خبر آهي ته ان جا اث?? ڪنهن خاص ملڪ يا علائقي تائين م??دود نه رهندا ان لاءِ ان عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ضرورت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان کي پنهنجا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري جي تعاون جي ??ڻ ضرورت آهي. نٽ اوٽسبي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين م??ڪلاتن جو شڪار آهن، سرديءَ جي ??وسم شروع ٿي وئي آهي جڏهن ته ايندڙ چوماسي جي شدت بابت پڻ اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. پاڪستان کي فنانس ۽ فني تعاون سميت ڊگهي مدي واري حمايت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ڪانفرنس ان سلسلي ۾ روڊ ميپ فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان ۾ عالمي حصيداري، وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ، عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ جو انتظام پڻ شامل هوندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقل نمائندي خليل هاشمي چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان جي ??اءِ وڏ?? اهميت رکندڙ آهي ۽ ٻوڏ جي ڪري پيدا ٿيندڙ اڻوڻندڙ صورتحال مان نڪرڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ وڏ?? انگ ۾ نمائندن جي شرڪت متوقع آهي، 40 کان وڌيڪ ملڪن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن جا 5 کان 6 ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، 8 وزير سطح جي عهديدارن کانسواءِ عالمي ادارن ۽ تنظيمن سان گڏوگڏ نجي شعبي جا نمائندا شرڪت ڪندا. هن چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي سان ريڪوري جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ حڪمت عملي جي ??اءِ وڏ?? اهميت رکندڙ آهي ۽ اسان کي ان م??ن وڏ??ون م??بت اميدون آهن.
پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ موسمياتي لحاظ کان لچڪدار ۽ پائيدار بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ عالمي مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان انٽرنيشنل ڪانفرنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ڪئي ويندي: ميڊيا بريفنگ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں