اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي را??طن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بر??ان??ا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي را??ٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ??ئي. بر??ان??ا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ملين پائونڊ جي انساني امداد تي بر??ان??ا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي را??طن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا ق??ئم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ واجد خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته بر??ان??ا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. بر??ان??ا جي وفد وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم شهباز شريف سان برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر جي ملاقات، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان