گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني ??يدا ڪئي ويندي، غيرقانوني ??رالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چي?? ته هر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گواد?? ۾ ??ُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر پينل فراهم ڪندو. وزيراعظم چي?? ته سولر پينل بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ان کان گهٽ سولر پينل جي قسط ادا ڪري بجلي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر پينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي ويندي ت?? مُهاڻن کي مفت بجلي ملندي. هن چي?? ته مختلف جاين تي سولر پارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ??اه??يرن کي نيشنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چي?? ته ماهيگيرن کي مرحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهيگيرن کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چي?? ته غيرقانوني ??رالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چي?? ته هو جون جي آخ?? ۾ ??يهر گوادر جو دورو ڪندو ۽ ماهيگيرن جا مسئلا انهن جي زباني ت??صيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي ت?? بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.
مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر