اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پا??ستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ اس??حڪام جي ماحول کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هو ڪنهن به شڪل ۾ جارحيت يا مهم جوئي کي روڪڻ جي پنهنجي صلاحيت کي برقرار رکندو. هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته پا??ستان سمورين رياستن لاءِ بنا فرق ۽ هڪجهڙي تحفظ جي اصولن تي ٻڌل عالمي عدم ڦهلاءُ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي عالمي ڪوششن ۾ حصيدار ۽ برآمدي ڪنٽرول بابت تازه ترين عالمي معيارن تي عمل پيرا آهي ۽ جوهري تحفظ ۽ سلامتي جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکي ٿو. ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته پا??ستان جي قوم 1998ع ۾ ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ ڪيل جوهري تجربن جي 24 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، ان جوهري تجربن نه رڳو قوم جي پا??ستان جي علائقائي سالميت، آزادي ۽ خودمختياري جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو پر ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن کي برقرار رکڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ اس??حڪام کي درپيش خطرن پا??ستان جي اسٽريٽجڪ ريسٽرينٽ ريجيم جي تجويز جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي مسئلي سميت حل طلب مسئلن جو حل، جوهري ۽ ميزائل پابندين ۽ روايتي توازن شامل آهي. بيان ۾ پا??ستان جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ سائنسدانن، انجنيئرن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ويو آهي ته قوم ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پا??ستان جي جوهري پروگرام جي تعاون کي به دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. بيان موجب پا??ستان توانائي، پا??ي ۽ خوراڪ جي حفاظت، تعليم، صحت، زراعت ۽ صنعت کان وٺي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جو اس??عمال ڪري رهيو آهي، جيواشم ٻارڻ جي قابل اعتماد، صاف ۽ سستي متبادل جي ذريعي جوهري توانائي جي ??يد??وار پا??ستان جي توانائي جي تحفظ جي منصوبن جو هڪ اهم عنصر آهي. بيان موجب هن سال ڪراچي ۾ ٻي 1100 ميگاواٽ جي k-3 نيوڪليئر پاور پلانٽ جو آپريشنل هجڻ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي جيڪو پا??ستان جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ جوهري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪردار جي نشاندهي ڪري ٿو، صحت جي شعبي ۾ پا??ستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ 20 ڪينسر اسپتالون هلايون پيون وڃن جيڪي پا??ستان ۾ ڪينسر جو وڏو بار برداشت ڪري رهيون آهن، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ فصلن جي وڏي ??يد??وار ۽ موسم خلاف مزاحمتي قسمن جي ترقي ۾ پا??ستان ۾ جوهري تحقيقي مرڪزن جي تعاون کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، پا??ستان سينٽر آف ايڪسي لينس ان نيوڪليئر سيڪيورٽي عالمي اٽامڪ انرجي ايجنسي جو هڪ تسليم ٿيل سينٽر آف ايڪسيلينس آهي، جيڪو جوهري سيڪيورٽي جي حوالي سان عالمي تربيت فراهم ڪري ٿو، پا??ستان عالمي اٽامڪ انرجي ايجنسي ۾ ميري ڪيوري فيلوشپ پروگرام تحت فلوشپس به پيش ڪندو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ماهرن جي حمايت ڪري ٿو.
پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي ماحول کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا