اسلام ??باد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سا?? جمهوريه مص?? جي پرڏيهي وزير سا??ح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي م??ري پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سا??گرهه ملهائي رهيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مص?? خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آهي. هن چيو ته م??ري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مص?? جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سا?? موقف ۾ هم آ??نگ?? اطمينان جو سبب آهي. مص?? جي پرڏيهي وزير سا??ح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil