اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي ??مل ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي ??والي سان اجلاس جي ??دارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصو??ي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. صدر منصوبي تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. هن منصوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان منصو??ي جي مڪمل ٿيڻ سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي ??مل ۾ بهتري ايندي.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش