اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان کي اعتماد جي ووٽ کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي، صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، ??مر??ن خان مل?? کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته مخالف ڌر ڪرپشن، لُٽ مار ۽ ذاتي جائيدادن جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهي آهي، اڄوڪي اليڪشن ما?? اهو ثابت ٿي ويو ته مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي پٺ ۾ ڇرو هنيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي پارٽين جي تعاون سان قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري رستو اختيار ڪندي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ڊي ايم هر جاءِ وانگر پارليامينٽ ما?? به رد ٿي چڪي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ميڊيا بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مل?? ۾ قانون جي حڪمراني جي لاءِ وزيراعظم ??مر??ن خان جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي پهرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ڇو ته مل?? هن وقت پوئتي وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي سياست پاڪستان جي عوام لاءِ نه پر ذاتي مفادن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا لانگ مارچ کان شروع ٿي، استعيفائن جي ڳالهه ٿي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي ٻيهر هو لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي عوام ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نه پر ڪرپشن روڪڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آهي، هن چيوته ته اڄوڪي سبق ما?? پي ڊي ايم جي سياسي تدفين ٿي چڪي آهي ان تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي ??وق??ي تي مخالف ڌر ڪئميرائن جو ڊرامو رچايو، وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ جي ??وق??ي تي به مخالف ڌر اهڙيون ئي حرڪتون ڪيون جنهن جو مقصد اليڪشن جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ هو. هن چيو ته ??مر??ن خان هڪ نڊر، سچو ۽ بهادر اڳواڻ ??هي. هو مل?? ۽ قوم کي ترقي طرف وٺي ويندو.
صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ