اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر وارا پنهنجي اڳواڻن جي ڪرپشن کي بچائڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي ۽ ڪوورنا کانپوءِ هاڻي ايف اي ٽي ايف تي حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا ??ر انهن کي اين آر او نه ملندو، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪوم?? جي حڪمت عملي جي ڪاميابي جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي عوام کي وبا ??ان بچائڻ سان گڏوگڏ معاشي تحفظ به ??نو، عورتن ۽ ٻارن سان جنسي زيادتي ڪندڙ عنصرن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي، پرڏيهي لاڳاپن جي حوالي سان قوم جي بنيادي اصولن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي، فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ڪشمير جي حوالي سان ڀارت سنگين غلطي ڪئي آهي، ڪشميري عوام کي جڏهن به موقعو مليو اها ان جي خلاف اٿي بيهندي، غربت جو خاتمو ۽ شهرن ۽ زراع?? جي ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران ڪيو. ڪوورنا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ موجوده حڪوم?? جي ڪاميابي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان تي به دٻاءُ هو ته يورپ وانگر هتي سخت لاڪ ڊا??ون ڪيو وڃي ??ر اسان جو موقف هو ته پاڪستان جون حالتون انهن ملڪن ??ان تمام گهڻيون مختلف آهن، جيڪڏهن سخت لاڪ ڊا??ون ڪيو وڃي ها ته اسان جو غريب طبقو، روزانو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين جي لاءِ زندگي اجيرن ٿي وڃي ها. ڀارت ۾ نريندر مودي ان دٻاءُ ۾ اچي سخت لاڪ ڊا??ون جو غلط فيصلو ڪيو ۽ 4 ڪلاڪن جي نوٽيس تي ڪرفيو لڳايو، جنهن جا نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اسان موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي تحت وقت سر سمارٽ لاڪ ڊا??ون جي پاليسي اختيار ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ ڀار?? جي معيشت دنيا ۾ سڀ ??ان وڌيڪ متاثر معيشتن ۾ شامل آهي جڏهن ته اسان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهيون جن بهتر حڪمت عملي تحت وبا کي پکڙجڻ ??ان روڪڻ سان گڏوگڏ پنهنجي معاشري جي غريب طبقي جي معاشي تحفظ کي به يقيني بڻايو آهي، اسان جي ان ڪامياب حڪمت عملي جو عالمي سطح تي پڻ اعتراف ڪيو ويو آهي، اسان ڪورونا مان نڪري ويا آهيون جڏهن ته اسان کي اڃا به احتياط برقرار رکڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته هن سڄي عمر محنت ڪئي ۽ دٻاءُ ۾ به ??م ڪرڻ سکيو آهي، جدوجهد ۽ قرباني کانسواءِ ڪو وڏو ليڊر نه ٿو بڻجي سگهي، محبت ۽ جدوجهد انسان ۾ دٻاءُ ۾ صحيح فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي، جيڪڏهن آ??ون سخت لاڪ ڊا??ون جي حوالي سان دٻاءُ اچي وڃان ها ته پاڪستان ۾ به ??ورونا جي حُالي سان حالتون تمام خراب هجن ها. پنهنجي حڪوم?? جي 2 سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته سڀ ??ان اڳ اسان پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ ??ان بچايو، اهو تمام مشڪل وقت هو ڇو ته ڊيفالٽ جا ڏورس اثر پوڻا هئا، عوام تي مهانگي جو بار وڌي ها ۽ سيڙپڪاري ۽ واڌويجهه گهٽ ٿئي ها. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر ۾ واويلا ڪندڙ پنهنجي حڪوم?? جي دور ۾ ملڪ کي ڪنگال ڪري ويا، هي جمهوري مخالف ڌر نه آهي ??ر انهن جي ونٽ پوائنٽ ايجنڊا آهي ته ڪهڙي طرح پنهنجي اڳواڻن جي ڪرپشن کي بچايو وڃي.
مخالف ڌر وارا پنهنجي اڳواڻن جي ڪرپشن کي بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی