اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان موثر ۽ باوقار انداز سان مظلوم ڪشميرين جو ڪيس سڄي دنيا جي سامهون پيش ڪري رهيو آهي، مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتن جو محور ڪشمير تڪرار ۽ ان جي موجوده سنگين صورتحال هئي، 80 لک ڪشميري والاريل وادي ۾ بند آهن. عمران خان دنيا کي ??او?? ڪرايو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني بحران جنم وٺي ??گه?? ٿو جنهن سان امن عالم کي سخت خطرا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو ته جنت جي وادي ۾ مظلوم عوام تي زندگي تنگ، گهٽيون ويران ۽ چوڪ ۽ بازارون سنسان پيل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات