اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري دوران 8 معاهدن تي صحيحون ٿينديون، ايندڙ ٻن سالن ۾ سعودي عرب پاران 7 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، سعودي عرب تيل ۽ گئس، زراعت، توانائي، پيٽرو ڪيميڪل، خوراڪ، زراعت، پروسيسنگ، ڪنسٽرڪشن سميت ڪيترن ئي منص??بن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، سعودي عرب 30 سالن کانپوءِ وزيراعظم کي اسٽيٽ وزٽ ڏنو، ميونخ ڪانفرنس جي موقعي تي افغان صدر اشرف غني سميت روس، ڪئناڊا، ازبڪستان جي پرڏ??هي وزيرن ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون ٿينديون. پرڏ??هي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏ??هي وزير چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته سعودي عرب سان لاڳاپا سردمهري جو شڪار هئا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٻئي پٺيان دورن سان سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ خوشگوار تبديلي آئي آهي.
سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار