ڪامره – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نئين تعمير ٿيل ايوي ايشن سٽي ڪ??مره ۾ ايئر يونيورسٽي ايئرو سپيس اينڊ ايوي ايشن ڪيمپس جي پيڙهه جو پٿر رکندي چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن کي پاڻ تي ڀاڙڻ جي ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، حڪومت بهترين افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪ??ي آهي. ايئر يونيورسٽي ايئرو اسپيس اينڊ ايوي ايشن ڪئمپس جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم هوا??از?? جي صنعت ۽ اعليٰ تعليم جي ??يد??ن ۾ پاڪ فضائيه جي اڻ ڳڻين خدمتن ۽ پاڪ فضائيه جي سربرا??ه ايئر چيف مارشل سهيل امان جي پرخلوص ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙين ڪوششن جي ذريعي اسان پاڻ تي ڀاڙڻ جي منزل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس