اسلام آباد – 21 ج??ن (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ پاڪستان جي آزادي جي 70 سالا ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ٿيو آهي ته احمد جي ڇاگلا جي تيار ڪ??ل قومي تراني جي اصلي ڌن کي عالمي معيار جي سازن مطابق نئين ج??ت ڏني ويندي جيڪا پاڪستان جي ثقاف?? جي به علمبردار هوندي. اجلاس ۾ پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل جمال شاهه کي ان حوالي سان تفصيلي تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اطلاعات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي شاندار نموني سان ملهائڻ جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک