اوٽاوا-30 آڪتوبر (اي پي پي )ڪينيڊا جي حڪومت چيو آه?? ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊا ۾ سک علحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آه??. اها ڳالهه ڪينيڊا جي نائب پرڏيهي وزير ڊيوڊ موريسن قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊين سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ لاءِ انٽيليجنس ڪارروائين جو حڪم ڏنو هيو. هن انهن ڪاروائين ۾ اميت شاهه جي مبينه ڪردار جي تصديق ڪئي جن??ن جي باري ۾ ڊيوڊ موريسن جي دعويٰ آه?? ته ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي ڪارڪنن کي ڌمڪائڻ جي مهم جو حصو هيو. واشنگٽن پوسٽ ڪينيڊين اڳواڻن جي حوالي سان ٻڌايو ته اميت شاهه اهي ڪوششون سک عليحدگي پسندن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي حصي طور ڪيون آه??. ڪينيڊا هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ اندر سک عليحدگي پسند تحريڪن کي دٻائڻ جي سرگرمين ۾ مبينه طور ملوث ٿيڻ جي رد عمل ۾ 6 ڀارتي سفارت ڪارن کي ملڪ بدر ڪيو هيو جڏهن ته ڀارت انهن الزامن جي ترديد ڪئي آه??. ڪينيڊا کانپوءِ آمريڪا به ڀارت تي اهڙا الزام لڳايا آه??. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ آمريڪاجي انصاف واري اداري ڀارتي انٽيليجنس آفيسر وڪاس يادو تي قتل لاءِ رقم ڏيڻ ج?? الزام لڳايو ، جن??ن موجب هن نيويارڪ سٽي ۾ سک عليدگي پسند اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون، جيڪو ٻٽي شهرت يعني آمريڪي ڪينيڊين شهري کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي هئي . ايف بي آئي آمريڪي شهرين خلاف جوابي ڪارروائي جي خدشن جو حوالو ڏيندي تنبيهه به جاري ڪئي آه??. ڀارت هاڻي تائين آمريڪي الزامن تي عوامي تبصري کان پاسو ڪيو آه??.
ڀارتي گهرو وزير سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي: ڪينيڊا
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável