ماسڪو- 22 آگسٽ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ??هي ته چين سان واپاري لاڳاپن کي تيزي سان وڌائي ??هيا آهيون. سي جي ٽي اين مطابق روسي صدر گادي واري شهر ماسڪو جي ڪريملن پيلس ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪرڻ بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ??الن تي ٻڌل وس??ع پيماني تي گڏيل پلان ۽ اقتصادي ۽ انساني منصوبا عمل هيٺ آهن. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهين بعد طئي ڪي?? معاهدن ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي. اميد ??هي ته صدر شي هلندڙ سال قازان ۾ متوقع برڪس سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. روسي صدر وزيراعظم لي چيانگ جي ماسڪو جي دوري دوران پڻ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن طرف اشارو ڪيو ۽ چيو ته توهان سان ملاقات اسان لاءِ خوشي جو سبب آهي. اسان جي چيني هم منصبن جي پڻ ڪوششن سان روس – چين جا واپاري لاڳاپا ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگه?? عرصي کان گڏيل پلان ۽ اقتصادي ۽ انساني منصوبا عمل هيٺ آهن. چين جي وزيراعظم لي چيانگ به چيو ??هي ته روسي صدر جي قيادت هيٺ روس 12 سالن ۾ مستحڪم شڪل ۾ اقتصادي ترقي ڪئي ??هي.
چين سان واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي رهيا آهيون: روس
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج