نيويارڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته سند?? ملڪ ۾ تشدد ۽ نفرت جي ڪا به گنجائش نه آهي. هن ملڪ جي ووٽرن تي زور ڀريو آهي ته ??هي جمهوريت جي حفاظت ڪن. جوبائيڊن موجب آمريڪا هن وقت نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. العرب??ه موجب جوبائيڊن اها ڳالهه شڪاگو ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن زور سان تاڙيون وڄائي سندس گرم جوشي سان استقبال ڪيو. جوبائيڊن اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومتي دور تي روشني وجهندي چيو ته ساڄي ڌر جي شدت پسندن کي ٽرمپ جي صورت ۾ هڪ اتحادي ملي ويو هو. ٽرمپ چيو هو ته ساڄي ڌر جي شدت پسندن ۾ سٺا ماڻهون به آهن. صدر جوبائيدن باور ڪرايو ته ريپبلڪن پارٽي ??و اميدوار ناڪام انسان آهي. بائيڊن وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سرحدن جي حوالي سان لڳاتار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. ان کان اڳ هن نمائندن واري ايوان ۾ ريپبلڪن جي سهڪار سان سرحدي قانون جو قتل ڪيو هو.
اسان جي ملڪ ۾ تشدد جي ڪا به جڳهه ناهي، ڊونلڊ ٽرمپ ڪوڙو ۽ ناڪام شخص آهي: آمريڪي صدر جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی