بيجنگ -24 جون (اي پي پي) چين چيو آهي، ته هو چين ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سي??پڪ??ري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي منصوبن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو ۽ لاڳاپيل قدمن جو حق محفوظ رکي ٿو. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته آمريڪي قدمن سان چين ۽ آمريڪي ڪا??وباري ادارن وچ ۾ معمول جي اقتصادي ۽ واپاري سهڪار تي اثر پوندا ۽ عالمي اقتصادي ۽ واپاري نظام کي نقصان پهچندو. هن چيو ته آمريڪا کي مارڪيٽ اڪانومي جي قانونن ۽ منصفاڻي برابري جي اصولن جو احترام ڪرڻ گهرجي، اقتصادي ۽ واپاري مسئلن تي سياست ??رڻ ۽ ان کي هٿيار بڻائڻ بند ڪرڻ گهرجي، چين ۾ سي??پڪ??ري تان پ??بنديون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪا??وباري سهڪار لاءِ هڪ نئون سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان طرفان اهي رمارڪس 21 جون جي آمريڪي ناڻي کاتي پاران تجويز ڪيل قاعدن کان پوءِ سامهون آيا آهن جيڪي آمريڪي سي??پڪ??ري کي چين ۾ محدود ڪري ڇڏيندو.
چين ۾ سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي تجويز ڪيل اصولن جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا: واپار واري وزارت بابت چين جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی