ٽوڪيو -04 اپريل (اي پ?? پي ) جاپان جي خصوصي ايلچي يميورا تسوڪسا چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن ، غزه تڪرار گهٽائڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جون سعودي ڪوششون جاپاني پال??سي سان ملندڙ آهن . اين ايڇ ڪي موجب جاپان جي خصوصي ايلچي سعو??ي عرب ، قطر، اردن ۽ گڏيل عر ب امارات جي دوري تي آهن پنهنجي دوري دوران هن سعو??ي عرب ۾ سياسي معاملن جي انڊر سيڪرٽري ڊاڪٽر سعود بن محمد السااطي ۽ ڪنگ سلمان امدادي مرڪز ج اسسٽنٽ سپر وائزر جنرل آپريشنز اينڊ پروگرامز احمد بن علي البائز سان ملاقات ڪئي يميورا تسوڪسا جي دوري جو مقصد عرب ملڪن ۽ عالمي تنظيمن سان ويجها ناتا ڪري غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي جاپان جي خصوصي صلحڪار جي بيان موجب سعو??ي عرب جاپان جي پال??سي موجب غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي يميورا تسو ڪسا ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل قرارداد 2728 کي جاپان جي سربراهي ۾ منظور ڪيو قرارداد ۾ غزه ۾ رمضان شريف ۾ فوري جنگ بندي ۽ حماس جي حراست ??يٺ يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط رهائي جو مطالبو ڪيو هيو .
غزه لاءِ سعودي ڪوششون اسان جي پاليسي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون: جاپان جو خصوصي ايلچي
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ