ڪينبرا – 21 مارچ (ا?? پي پي) آسٽريليا ۽ برطانيا نئين ۽ اهم دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون. فران?? جي خابرو اداري مطابق آسٽريلوي دفاع واري وزير رچرڊ مارلس گذريل ڏينهن آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا ۾ برطا??وي هم منصب گرانٽ شيپس سان معاهدي تي صحيون ڪيون آهن جنهن تحت فوجين جي مٽا سٽا ۽ ملٽري انتيلي جنس شيئر ڪرڻ آسان هوندو. اهو معاهدو هڪ مڪمل گڏيل دفاعي معاهدو آهي جيڪو ه?? ڌر کي پابند ڪندو ته جيڪڏهن ٻئي تي حملو ڪيو ويو ته هو دخل اندازي ڪري. ان معاهدي ۾ اڀرندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ صلاح مشو??و ڪرڻ جو عزم شامل آهي ۽ اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي فوج کي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ گڏجي آپريٽ ڪرڻ کي آسان بڻائي ٿو.
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania