ابوجا- 19 فيبروري (اي پ?? پي) نائيجيريا جي ڏکڻ اوڀر واري ايبوني ري??ست ۾ هلن??ڙ سال دوران لاسا بخار سبب 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. شنهوا مطابق ايبوني ري??ست جي صحت واري وزارت ٻڌايو آهي ته ان بيماري سبب حڪومت ۽ لاڳاپيل شراڪتدارن طرفان انتهائي موزي بيماري جي روڪٿام لاءِ فوري طور گڏيل سهڪار جي ڪوششن کي هٿي ملي رهي آهي. هن چيو ته فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ڳورهاري عورت ۽ 02 ٻار به شامل آهن جڏهن ته ان بيماري سبب 25 ڄڻا متاثر ٿي چڪا آهن جن ۾ صحت کاتي جا 02 عملدار به شامل آهن. چمڙي جي ماهر ڊاڪٽرن عوام کي صلاح ڏني آهي ته متاثر مريض کي هٿ لڳائڻ ۽ ڪوئن کان پاسو ڪيو وڃي. لاسا بخار هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا انسان ۾ خوراڪ يا گهريلو شين مان پکڙبي آهي جيڪا ڪوئن جي پ??شاب يا انهن جي پاخاني مان گدلي ٿيل هوندي آهي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر