انقره، دمشق – 09 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو. ترڪيه جي انادولو ايجنسي خميس تي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي منيجمنٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته ملڪ ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 12 هزار 391 ??ائين پهچي ويو آهي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ ۾ شام جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته شام ۾ حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1262 ما??هو فوت ۽ 2285 زخمي ٿيا. ميڊيا رپورٽس ۾ ا??دا??ي ڪارڪنن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته شام ۾ مخالف ڌر جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1730 ما??هو فوت ۽ 2850 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. زلزلي سب?? متاثر علائقن ۾ ا??دا??ي ڪاروائيون جاري آهن . واضح رهي صحت جي عالمي اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتگين جو اصل انگ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis