واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ??دارتي اميدوار ۽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٻيهر قاتلاڻي حملي کان پوءِ صدر ج??با??يڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي ??دا??ت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته آمريڪي ??در ج??با??يڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي ??دا??ت ڪئي آهي ته اها ريپبلڪن آمريڪي ??دارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلسل حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪري. صدر ج??با??يڊن چيو ته جيئن ته مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ سياسي يا ڪنهن به قسم جي تشدد لاءِ ڪا به جڳهه ناهي ۽ مان پنهنجي ٽيم کي ??دا??ت ڪئي آهي ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سيڪريٽ سروس وٽ سمورا اهي وس??لا?? صلاحيتون ۽ حفاظتي قدم موجود آهن جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش آيل و??قع?? جا وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. مون کي منهنجي ٽيم ان بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ شڪي ??خص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. ان کان پهرين ايف بي آءِ چيو هو ته هو ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهو ٿيندڙ فائرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل