ماسڪو-28 آگسٽ(اي پي پي) روس آمريڪا کي ٽئين عالمي جنگ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو آهي ته اولهه، يوڪرين کي روس تي ميزائلن سان حملا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي غور ڪري باهه سان کيڏي رهيو آهي ۽ اها جي ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي ته اها صرف يورپ تائين محدود نه رهندي. پر??يه?? خابرو اداري جي رپورٽ مطابق روس جي پر??يه?? وزير سرگئي لاوروف چيو ته اولهه يوڪرين جي جنگ کي وڌائڻ چاهي ٿو ۽ اولهه پاران فراهم ڪيل هٿيارن جي استعمال تي پابندين کي نرم ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي درخواستن تي غور ڪري پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻي رهيو آهي. روس جي پر??يه?? وزير چيو ته هاڻي اسان هڪ ٻيو ڀيرو خبردار ڪري رهيا آهيون ته باه سان کيڏڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته روس پنهنجي ايٽمي ڊاڪٽرائين کي واضح ڪري رهيو جيڪا اها آهي ته وڏي پئماني ??ي ايٽمي يا وڏي پيماني ??ي تباهي پکيڙندڙ ٻين هٿيارن يا روائتي هٿيارن جو استعمال ڪندي حملي جي جواب ??ور تي روسي صدر ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ تي غور ڪندو. يوڪرين 6 آگسٽ کي روس جي اولهه ڪناري ڪرسڪ تي حملو ڪيو، جنهن تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته روس طرفان ان حملي جو مناسب جواب ڏنو وينود. يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي هلندڙ مهيني ??ي شروع ۾ چيو هو ته روس جي علائقي ڪرسڪ تي حملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته روس جي جوابي ڪارروائي جون ڌمڪيون خالي ڌمڪيون آهن.
ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي ته اها رڳو يورپ تائين محدود نه رهندي: روس
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس