بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ??رڏيهي وزير وانگ اي جمعي ڏينهن نيڌرلينڊز جي ??ئين پرڏيهي وزير فيلڊ ڪان سان ٽيليفونڪ ڳا??هه ٻو??هه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وانگ اي نيڌر لينڊز جي ??م منصب سان پنهنجي ??يفلونڪ ڳا??هه ٻو??هه ۾ چيو ته چين ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ ??اض?? ۽ عملي جامع تعاون تي ٻڌل حصيداري جي ??ستحڪم ترقي سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدا حاصل ٿيا آهن ۽ ان حصيداري خطي ۽ دنيا جي ??رامن ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته چين نيڌرلينڊز جي ??ئين حڪومت سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ، هڪجهڙن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. وانگ اي چيو ته چين عالمي پيداوار ۽ سپلائي چين جي استحڪام کي گڏيل طور تي برقرار رکڻ لاءِ نيڌرلينڊز سان تعاون کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي نيڌرلينڊز جي ??رڏيهي وزير چيو ته چين ايشيا ۾ نيڌرلينڊز جو اهم اقتصادي ۽ واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي مسئلن تي گڏيل فائديمند تعاون ڪرڻ گهرجي. ه چيو ته يورپ ۽ چين وچ ۾ ڪجهه معاملن ۾ اختلافن کي ٻنهي ڌرين وچ ۾ تعاون ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته نيٽو پنهنجي ??يمبر ملڪن جي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ هميشه هڪ دفاعي ادارو رهندو.
چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جي نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز