بيجنگ – 30 مئي (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ب??جنگ ۾ چين عرب رياستن جي سهڪار جي فورم کي خطاب ۾ عرب دنيا سان پنهنجي ويجهن لاڳاپن جي خواهش ج?? اظهار ڪيو آهي. رائٽرز جي رپورٽ مطابق چيني صدر بحرين، مصر، گڏيل عرب امارتن ۽ تيونس جي سربراهن سان گڏو گڏ عرب لي?? جي ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي هن فلسطيني ڪاز لاءِ ڪيترائي واعدا ڪيا جن ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي 30 لک ??الر جو عطيو ۽ غزه جي نئين سر تعمير ۾ سهڪار جو واعدو پڻ شامل آهي. چيني صدر پنهنجي ملڪ طرفان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام ?? ان لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته غزه تي اسرائيل جي جنگ اڻڄاڻايل مدي تائين جاري نٿي رهي سگهي ۽ وچ اوڀر جي ان مسئلي جو ٻه رياستي حل اڻٽر آهي.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔