گڏيل قومون -28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چ??و آهي، ته ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو هاڻي ان ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگهي بند کي (حفاظتي بند) کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ره??و آهي ته جيئن عوام کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي. يو اين آفيس مان جاري بيان ۾ چيو و??و آهي، ته 2021ع ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌڻ شروع ٿي هئي ته پاڪستاني انجنيئرن ڊگهي حفاظتي بند کي ??عمير ڪرڻ جو ڪم سنڀاليو ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي ??وڪڻ لاءِ عارضي دفاعي ڍانچو تعمير ڪيو جنهن کي هاڻي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهيون، پاڪستاني انجنيئرن جي ڪمانڊنگ آفيسر ميجر وقاص سعيد خان چيو ته اسان سڀ کان پهرين جواب ڏيندڙ هئاسين ۽ اسان ئي پهرين مرحلي دوران اٽڪل 88 ڪلوميٽر ڊگهو بند تعمير ڪيو هو. هن چيو ته گذريل مهيني دوران اسان جو ڪم بنيادي طور تي بند کي مضبوط بڻائڻ هو، اسان ان کي ??اڍا 3 ميٽر اوچي ڀت ۾ تبديل ڪ??و آهي جيڪو گاڏين ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جي استعمال لاءِ ڪافي ويڪرو آهي.
ڏکڻ سوڊان ۾ پاڪستان جو امن جٿو عوام کي ٻوڏ کان محفوظ رکڻ لاءِ حفاظتي بند کي مضبوط بڻائي رهيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ