ڪابل-26 نومبر (اي پي پي) روس افغانستان سان ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. تاس موجب سلامتي ڪونسل جي ??يڪ??يٽري سرگئي شوئيگو افغانستان جي دوري دوران ملڪ جي نائب وزيراعظم محمد عبدالڪريم سان ڳالهائيندي چيو ته روس افغانستان سان مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو اردو رکي ٿو. ڳالهه ٻولهه دوران هن نائب وزيراعظم سان اقتصادي، چر پر ۽ سيڪورٽي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. روسي اڳواڻن چيو ته اسان روس ۽ افغانستان وچ ۾ ڪيت??ن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جوارادو رکون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعميري سياسي ڳالهين لاِ پنهنجي تياري جي تصديق ڪيان ٿو جنهن ۾ عالمي تصفيي جي عمل کي تحريڪ ڏيڻ به شامل آهي. ان موجب روسي ڌريون ان ڳالهه تي راضي آهن ته افغانستان جو هڪ مستحڪم ۽ خودمخت??ار رياست طور تي قيام خطي جي سمورين رياستن جي مفاد ۾ آهي. هنن نشاندهي ڪئي ته ان مقصد لاءِ روس علاقائي ڍانچي ۽ ادارن ۾ ڪابل جي انضمام جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته اهو قدم نه صرف دهشتگردي، منشي??ت جي سمگلنگ جهڙن چيلنجن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه قائم ڪرڻ جي اجازت ??يندو.
روس پاران افغانستان سان ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس