گڏيل قومون- 30 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته اس??ائيلي فوج جي واپسي جي نئين حڪم سان غزه جي بي گهر فلسطينين کي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. گڏيل قومن جي انساني همدردي جي اداري جي اختيارين مطابق غزه ۾ نئين جبري لڏ پلاڻ فلسطينين کي وڌيڪ ڏکيائين ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. فلسطيني پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي سماجي را??طن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته اس??ائيلي فوج طرفان جاري واپسي جو حڪم نصيرات ۽ بريج پناهگير ڪ??مپن کي شديد متاثر ڪ??و آهي ۽ غزه ۾ فلسطيني شهرين جي تحفظ جو ڪو وجود ناهي. يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لاراريني چيو ته غزه جو اٽڪل هر هڪ شهري اس??ائيلي فوج جي جي ان حڪم سبب متاثر ٿيو آه?? ۽ 9 مهينا اڳ جنگ شروع ٿيڻ بعد ڪيترائي ماڻهو هر مهيني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بي گهر ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن.
اسرائيلي فوج جي واپسي جي نئين حڪم سان غزه جي بي گهر فلسطينين کي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے