گڏيل قومون/ رمله – 19 اپريل (اي پي پي) آمريڪا گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي فلسطيني درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو. سلامتي ڪائونسل فلسطين جي گڏيل قومن جو مڪمل ميمبر بنجڻ واري ڪوشش کي آمريڪا طرفان هڪ وسيع حمايت يافته قرارداد تي ويٽو ڪرڻ جي ڪري روڪي ڇڏيو جنهن ۾ فلسطين کي اداري ۾ مڪمل رڪنيت جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. الجزائر طرفان 15 رڪني ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ان تجويز ??ي حق ۾ 12 ووٽ مليا، آمريڪا ان جي خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ۽ برطانيا ان ۾ حصو نه ورتو. گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائ??دي رياض منصور ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن جي جاءِ نه ٿا وٺڻ چاهيون بلڪه گڏيل قومن ۾ ب??اب??ي جي بنياد تي داخل ٿيڻ چاهيون ٿا. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين کي مڪمل رياست جي رڪنيتڏيڻ واري درخواست کي ويٽو ڪرڻ کي فلسطين شديد تنقيد جو نشانو بنائي??دي ان عمل جي مذمت ڪئي آهي. فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪا طرفان درخواست کي ويٽو ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪ??دي چيو ته اهو قدم غير اخلاقي ۽ غير منصفاڻو آهي.
آمريڪا گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي فلسطيني درخواست کي ويٽو ڪري ڇڏيو، فلسطين جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی