گڏيل قومون _13 ڊسمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزه ۾ جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ 153 ووٽن جي وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. انڊپينڊنٽ اردو مطابق غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد تي گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي جنهن ۾ عالمي اداري جي 193 ميمبرن مان 153 ميمبر مل??ن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو ، آمريڪا ۽ اسرائيل سميت 10 مل??ن ان قرارداد خلاف ووٽ ڏنو . جڏهن ته برطانيه، جرمني ، اٽلي ، نيڌرلينڊز ۽ يوڪرين سميت 23 مل??ن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو . گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه ۾ جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل ان قرار داد تي ووٽنگ عالمي امن ۽ سلامتي جي ذميوار اداري سلامتي ڪائونسل جي ان معاملي تي بار بار ناڪامي بعد ٿي .
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ